پاڪستان ۾ خطرناڪ ”اومي ڪرون“ جو پهريون ڪيس سامهون اچي ويو

ڪراچي: سڄي دنيا ۾ پکڙجندڙ ڪورونا جي خطرناڪ قسم اومي ڪرون جو پهريون ڪيس پاڪستان ۾ به سامهون آيو آهي، سنڌ جي صحت کاتي موجب اومي ڪرون جو ڪيس ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ پيش آيو، متاثر عورت پرڏيهه مان آئي آهي جنهن جو ڪورونا وائرس مثبت آهي، متاثر عورت خانگي اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي

سنڌ جي صحت کاتي جي عملدارن موجب متاثر عورت جي خانگي اسپتال مان سفري تاريخ معلوم ڪئي پئي وڃي

واضح رهي ته ڏکڻ آفريقا مان ڪورونا جو خطرناڪ ترين قسم ”اومي ڪرون“ آمريڪا، برطانيه، ڀارت ۽ جاپان سميت ڪيترن ئي اولهه ملڪن ۾ به ظاهر ٿي چڪو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔