ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل سروي ۾ پوليس ۽ عدليه سڀ کان وڌيڪ ڪرپٽ قرار

ڪراچي: پاڪستاني عوام جي خيال ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪرپشن پوليس ۾ آهي، ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل ڪرپشن پرسيپشن سروي 2021 جاري ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ ملڪ ۾ ڪرپشن، مهانگائي ۽ بيروزگاري جي باري ۾ پاڪستاني عوام جي راءِ طلب ڪئي وئي هئي

سروي موجب ڪمزور احتساب، طاقتورن جي لالچ ۽ گهٽ پگهارون ڪرپشن جا بنيادي سبب آهن، جڏهن ته حڪومتي نااهلي، ڪرپشن، سياستدانن جي سرڪار جي ڪمن ۾ مداخلت ۽ پاليسين تي عمل نه ڪرڻ جي ڪري مهانگائي ۾ اضافو ٿيو

سروي ۾ پاڪستاني عوام پوليس کي ملڪ جو سڀ کان وڌيڪ ڪرپٽ ترين ادارو قرار ڏنو جڏهن ته ڪرپشن ۾ عدليه کي ٻئي نمبر تي جڳهه ڏني

سروي موجب 92.9 سيڪڙو پاڪستانين جو خيال آهي ته سڀ کان وڌيڪ مهانگائي پي ٽي آءِ جي دور ۾ ٿي، 85 سيڪڙو ماڻهن جو چوڻ آهي ته گذريل ٽن سالن ۾ سندن آمدني ۾ گهٽتائي آئي آهي ۽ موجوده حڪومت جي خود احتسابي کان مطمئن به نه آهن

66.8 سيڪڙو عوام جو خيال آهي ته احتساب جو عمل جانبدار آهي جڏهن ته 50 سيڪڙو عوام جو خيال آهي ته مهانگائي ۽ بيروزگاري ۾ واڌ جو سبب حڪومت جي نااهلي آهي

23.3 سيڪڙو ماڻهن جو چوڻ آهي ته مهانگائي ۽ بيروزگاري ۾ واڌ جو بنيادي سبب ڪرپشن آهي، 9.6 سيڪڙو ماڻهن جو خيال آهي ته حڪومت ۾ سياستدانن جي مداخلت مهانگائي ۽ بيروزگاري ۾ واڌ جو بنيادي سبب آهي

16.6 سيڪڙو شهرين جي راءِ آهي ته پاليسين تي عمل نه ٿيڻ جو سبب مهانگائي ۽ ڪرپشن آهي، 51.9 سيڪڙو عوام جو چوڻ آهي ته ڪرپشن جو بنيادي سبب ڪمزور احتساب آهي، 29.3 سيڪڙو عوام جي راءِ آهي ته ڪرپشن طاقتور طبقي جي هوس جي ڪري آهي، جڏهن ته 18.8 سيڪڙو ماڻهن ڪرپشن جو اهم سبب گهٽ اجورو کي قرار ڏنو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔