ايف بي آر ملڪيتن جي نئين قيمتن تي عملدرآمد روڪي ڇڏيو

ڪراچي: فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) ملڪيتن جي نئين قيمتن تي عملدرآمد 16 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏيو آهي, ايف بي آر موجب پراپرٽي جي نظرثاني ٿيل ويليوايشن جو اعلان 15 جنوري تي ڪيو ويندو، سمورا چيف ڪمشنر 10 ڊسمبر تائين ويليوايشن ريويو ڪميٽيون قائم ڪندا ۽ ڪميٽيون ريئل اسٽيٽ جي سمورن شعبن سان مشاورت ڪنديون

پڌرائي موجب ايف بي آر ايس بي پي ماهرن ۽ ٽائون پلانرز سان به مشاورت ڪندو ۽ ڪميٽيون 10 جنوري تائين تجويزن کي حتمي شڪل ڏيندي، ايف بي آر جو چوڻ آهي ته ريئل اسٽيٽ سيڪٽر جا نمائندا به تجويزون ڏئي سگهن ٿا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔