سپريم ڪورٽ جي حڪم تي نسله ٽاور کي ڊاهڻ جا پابند آهيون، پر غلط منظوري ڏيڻ واري کي سزا ملڻ گهرجي: وڏو وزير

اسلام آباد: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تي نسله ٽاور کي ڊاهڻ جا پابند آهيون، پر جن اڏاوتن جي غلط منظوري ڏني انهن کي سزا ملڻ گهرجي

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته اسلام آباد ۾ وڏن ماڻهن جا گهر ريگيولر ڪيا ويا، نسلا ٽاور کي ڊاهڻ بدران ڪو ٻيو رستو به نڪري سگهي پيو، مان عمارت کي ريگيولر ڪرڻ جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان جن منظوري ڏني انهن کي ڇڏڻ جي نه

وڏي وزير چيو ته هن سنڌ جي گورنر سان ملاقات ڪئي آهي هن جون سفارشون سنڌ ڪابينا آڏو پيش ڪندس، قومي اسيمبليءَ ۽ پنجاب اسيمبليءَ ۾ حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏئي ڪري جان ڇڏائي سگهون ٿا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔