ناظم جوکيو قتل ڪيس: جوابدار محمد خان جي به عبوري ضمانت منظور

ڪراچي: ملير جد عدالت ۾ ناظم جوکيو قتل ڪيس ۾ جوابدار جي ضمانت تي ٻڌڻي ٿي، جنهن سلسلي ۾ جاچ آفيسر ڪيس بابت رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏي

جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته واقعي واري هنڌ تان مليل لٺ ۽ رِليَ وٽان مليل رت ناظم جوکيو سان ملي ٿو، ناظم جوکيو جي ڪيميڪل رپورٽ ۾ زهر ڏيڻ جا ڪي به ثبوت نه مليا آهن ۽ حتمي پوسٽ مارٽم رپورٽ به اڃا تائين ناهي ملي

فريادي جي وڪيل چيو ته ناظم جوکيو کي تشدد ڪري ماريو ويو آهي، ڪيس جو مرڪزي جوابدار نياز سالار ۽ ايم اين اي ڄام عبدالڪريم ملڪ مان فرار ٿي ويا آهن

جاچ آفيسر چيو ته جوابدارن جي پرڏيهه وڃڻ بابت ايف آءِ اي کي خط لکيو آهي جڏهن ته ڪيس جي هڪ ٻئي جوابدار محمد خان جي عدالت عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي، جنهن بعد عبوري ضمانت منظور ڪيل جوابدارن جو انگ 5 ٿي ويو آهي

عبوري ضمانت تي آزاد ڪيل ٻين جوابدارن ۾ سليم سالار، دودو خان، محمد سومار ۽ اسحاق جوکيو شامل آهن، عدالت جوابدارن جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو ۽ جوابدارن جي ضمانت واري درخواست ۾ واڌ يا رد ڪرڻ جو فيصلو 16 ڊسمبر تي ٻڌايو ويندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔