متحده ڪراچي کي ٻيهر رت ۾ وهنجارڻ چاهي ٿي: سعيد غني

ڪراچي: صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته متحده ڪراچي شهر کي ٻيهر رت ۾ وهنجارڻ چاهي ٿي، متحده جي نفرت انگيز مهم جي سخت مذمت ڪيان ٿو، هي شهر اردو ۽ سنڌي ڳالهائيندڙن جو گڏيل شهر آهي

ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي صوبائي وزير چيو ته ڪراچي جي وارث سڏائيندڙ ايم ڪيو ايم گيس ۽ تيل جا اگهه وڌڻ تي خاموش آهي، متحده جڏهن پيپلزپارٽي جي اتحادي هئي ته تيل جا اگهه وڌڻ تي چار ڀيرا اتحاد ختم ڪرڻ جو چتاءُ ڏنو هو پر هن ڀيري رڳو وفاق ۾ مزا وٺي رهيا آهن ۽ ڪجهه به نه ٿا ڪڇن

هن چيو آهي ته ايم ڪيو ايم هڪ دفعو ٻيهر ڪراچي کي نفرت ۽ لساني جي سياست ڏانهن ڌڪڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، وفاقي سرڪار عوام کي آپگهات ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو پر هي ان خلاف ٻڙڪ نه ٿا ڪڇن

سعيد غني چيو ته وفاقي سرڪار ڪراچي جي شهرين لاءِ بجلي جي في يونٽ پوڻا چار روپيا مهانگي ڪري ڇڏي، ان جي مد ۾ رڳو هڪ مهيني جي بل ۾ 7 ارب روپيا وڌيڪ وصول ڪيا ويندا

ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو آهي ته آئين موجب سنڌ کي ضرورت موجب گيس ملڻ گهرجي، هاڻي گيس مڪمل بند آهي، اها صورتحال رهي ته ڪراچي ۾ به ڪاٺيون ٻارڻيون پوندو، سنڌ گيس پيدا ڪري ٿو اتي نيشنل گيس ڏيڻ بجاءِ آيل اين جي ڏني پئي وڃي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔