گھر ۾ سڪون آھي، ٻي شادي اهو ڪندو آهي جيڪو پهرين کان بيزار هجي: ڪيپٽن صفدر

ڪراچي: مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ڪيپٽن (ر) صفدر اعواڻ چيو آهي ته ٻي شادي اهو ڪندو آهي جيڪو پهرين شادي کان بيزار هجي، اسان جي گهر ۾ سڪون آهي

سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيپٽن (ر) صفدر چيو ته اسان جي ڏاڏي ”ديسان دا راجا“ ڳائيندي هئي، جڏهن مريم ڳايو ته ڇا ٿيو؟ پنهنجي گهرواري مريم نواز کي بهترين ليڊر قرار ڏيندي ڪيپٽن (ر) صفدر چيو ته ليڊر ليڊر هوندو آهي، ليڊر گانو به ڳائينديو آهي ۽ ترانو به پڙهندو آهي، ليڊر گانو ڳارائيندو به آهي نچرائيندو به آهي

هن چيو ته هو پنهنجي پٽ جي شادي تي گيت ڳائيندو ۽ جيڪو ٿورو گهڻو ڊانس سکيو اهو به ڪندس، مان 4 سالن کان پاڪستان جي آئين جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان، ووٽ کي عزت ڏيو هي گانو پٽ جي شادي ۾ به هلندو

ليگي اڳواڻ جو چوڻ آهي ته شادي جو پروگرام سادو رکيو آهي ۽ هن ۾ رڳو ويجها مائٽ ئي شرڪت ڪندا، شادي ۾ ون ڊش رکنداسين

هڪ سوال جي جواب ۾ ن ليگ اڳواڻ چيو ته آصف زرداري ۽ بلاول جي شادي ۾ نه اچڻ سان ڪو به فرق نه پوندو، آصف زرداري اسان جي دلين ۾ آهي، جيڪڏهن بلاول نه به دعوت ڏئيي ته مان ان جي شادي ۾ ويندس، ڇاڪاڻ ته ڪراچي ۾ پوليس مون کي نه پڪڙيندي

ياد رهي ته مريم نواز صفدر جي پٽ جنيد صفدر جي وليمي جي تقريب 17 ڊسمبر تي لاهور ۾ رٿيل آهي جنهن لاءِ تياريون شروع ٿي چڪيون آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔