آزاد عدليه ۽ قانون تي عمل ڪرڻ سان ملڪ ترقي ڪندو: احسن اقبال

مٽياري: نواز ليگ اڳواڻ احسن اقبال چيو ته آهي مٽياري جي وڪيلن جو شڪر گذار آهيان جن مونکي مان ڏنو، پاڪستان جي وڪيلن جو ملڪ لاءِ ڪردار نمايان رهيو آهي، وڪيل بي خوف ٿي تحريڪون هلايون آهن

مٽياري ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو آهي ته مشرف دور ۾ جيڪو وڪيلن ڪم ڪيو اهو مثال آهي، آمر سان وڙهيا ۽ عدالتن جو گراف بحال ڪيو، نواز شريف مشرف دور ۾ لانگ مارچ جي اڳواڻي ڪئي ۽ ججز بحال ٿيا

ليگي اڳواڻ جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ ترقي ڪرڻي آهي ته آزاد عدليه ۽ قانون موجب هلڻ جي ضرورت آهي، دنيا اندر به قانون جي بالادستي آهي ۽ ملڪ خوشحال آهن، ڪنهن به ملڪ لاءِ مسئلن جي حل جو هڪ ئي رستو آهي اهو آهي قانون تي عمل ڪرڻ

هن چيو آهي ته پاڻ سڀني کي به رول آف لا لاءِ ڪرادر ادا ڪرڻو پوندو، قائد اعظم ملڪ ٺاهيو ته قانون ۽ بيلٽ پيپر جي ذريعي، هتي ضرورت آهي ووٽ کي عزت ڏيڻ جي جنهن سان ئي خوشحالي آڻي سگهجي ٿي، ووٽ سان هاري، مزدرو، وڏيري، ڪارخانيدار جو به هڪ ووٽ آهي ووٽ ڏيڻ وقت به وڏيرو ۽ هاري به هڪ لائين ۾ بيهي ووٽ جو حق استعمال ڪري ٿو، ان لاءِ اسان چئون ٿا ووٽ کي عزت ڏيو

هن چيو ته جن ملڪن ۾ طاقت ذريعي ووٽ کي ڪُچليو ٿو وڃي اتي ڪڏهن به قانون جي بالادستي نه ٿيندي آهي، ملڪ اندر ووٽ جي عزت هوندي تي ته سڄي ملڪ ۾ هڪجهڙو قانون هوندو، اسان ڪنهن به ملڪ مان غربت جو خاتمو چاهيون ٿا اتي به قانون تي عمل ڪرڻ لازمي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔