وڪي ڪوشل ۽ ڪترينا ڪيف جي شادي جون تقريبون شروع:ڀارتي ميڊيا

ڪراچي: ڀارتي ميڊيا دعويٰ ڪئي آھي تھ بالي ووڊ باربي ڊول سڏجندڙ ڪترينا ڪيف ۽ اداڪار وڪي ڪوشل جي شادي جون تقريبون شروع ٿي ويون آھن، اڪثر ڀارتي اخبارن، ٽي وي چينلز ۽ شوبز ويب سائٽس موجب ٻنھي جي شادي جون تقريبون گذريل رات 7 ڊسمبر تي راجستان جي ضلعي سوائي مدھوپور جي پرتعيش سڪس سينز ريزورٽ، ۾ ٿيون

انڊيا ٽوڊي موجب گذريل رات شادي جون تقريبون سنگيت سان ٿيون ۽ پھرين ئي تقريب ۾ پنجابي طرز جي سنگيت ۾ وڪي ڪوشل جي خاندان جي عورتن پرفارمنس ڪئي، رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آھي تھ اڄ منجھند کان شادي جون وڌيڪ رسمون پنجابي انداز ۾ ادا ڪيون وينديون

وڪي ڪوشل جو تعلق ھندو پنجابي خاندان سان آھي، جڏھن تھ ڪترينا ڪيف ڪشميري مسلم خاندان سان تعلق رکي ٿي، پر ان جو خاندان وڌيڪ برطانيا ۾ رھندڙ آھي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔