سنڌ حڪومت پاران مختلف ضلعن ۾ ڊي ايڇ اوز ۽ ايم ايس جون بدليون ۽ مقرريون

ڪراچي: سنڌ حڪومت پاران مختلف ضلعن ۾ ڊي ايڇ اوز ۽ ايم ايس جون بدليون ۽ مقرريون ڪيون ويون آهن، ڊي ايڇ او بدين فاروق لغاري کي بدلي ڪري امتياز ڪاڪا کي ڊي ايڇ او بدين مقرر ڪيو ويو آهي

امتياز لغاري کي سي ايم او لياقت يونيورسٽي اسپتال مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته ڊي ايڇ او مٽياري ارشاد قريشي کي بدلي ڪري يار محمد کوسو ڊي ايڇ او مٽياري مقرر ٿي ويو

هوڏانهن ارشاد قريشي کي ايم ايس ضلعي قطر اسپتال ميرپور خاص مقرر ڪيو ويو ۽ پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل نند لعل ديواني کي ڊي ايڇ او ٿرپارڪر مقرر ڪيو ويو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔