وفاقي ڪابينا پاران پيٽروليم ڊويزن جي 4 اهم عهدن تي جلد ڀرتيون ڪرڻ جي هدايت

اسلام آباد: وفاقي ڪابينا پيٽروليم ڊويزن کي 4 اهم عهدن تي جلد ڀرتي ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. ڪابينا ايم ڊي، او جي ڊي سي ايل جي پوسٽ 3 مهينن ۾ ڀرڻ جي هدايت ڪئي. ايم ڊي، او جي ڊي سي ايل جي پوسٽ 20 آڪٽوبر کان خالي آهي. ايم ڊي، او جي ڊي سي ايل کان ناقص ڪارڪردگي تي استعيفيٰ ورتي وئي هئي

ڪابينا پاڪستان منرل ڊولپمينٽ ڪارپوريشن جي ايم ڊي جي پوسٽ هڪ مهيني اندر ڀرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. ايم ڊي منرل مفادن جي ٽڪراءَ جي الزام ۾ آڪٽوبر ۾ استعيفيٰ ڏني هئي. ڪابينا پاڪستان ايل اين جي چيف جي پوسٽ هڪ مهيني اندر ڀرڻ جي به هدايت ڪئي، پاڪستان ايل اين جي سربراهه جو عهدو 23 آگسٽ کان خالي آهي. ڪابينا پاڪستان پيٽروليم لميٽيڊ ۾ ايم ڊي جي پوسٽ هڪ مهيني اندر ڀرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، پاڪستان ايل اين جي سربراهه جو عهدو 23 آگسٽ کان خالي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔