پراسيڪيوشن پاران ڄامشورو پوليس چرس ڪيس مان جوابدارن جا نالا ڪڍڻ جي سفارش

ڪراچي: ڄامشورو پوليس پاران چرس اسمگل ڪرڻ واري ڪيس ۾ پراسيڪيوشن کاتي پوليس آفيسرن کي وڏو رليف ڏئي ڇڏيو. پوليس وارن کان 37 ڪلو چرس جي برآمدگي کي پراسيڪيوشن ڊپارٽمينٽ ٺوس شاهدي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

پراسيڪيوشن جي سفارش تي پوليس ڪيس ۾ ملوث اهم آفيسرن کي جوابدارن جي لسٽ مان ڪڍي ڇڏيو، جن ۾ سي آءِ اي انچارج انسپيڪٽر نثار ڀٽي، مال خاني جو محرر عبدالجبار ۽ ٻين کي جوابدارن جي لسٽ مان ڪڍيو ويو. پوليس چيو ته پراسيڪيوشن ڊپارٽمينٽ آفيسرن جا نالا حذف ڪرڻ جي سفارش ڪئي هئي. چالان ۾ چيو ويو ته گرفتار جوابدارن پنهنجي بيانن ۾ آفيسرن جا نالا کنيا. ڄامشورو ۾ محرر مال خاني عبدالجبار جي ڪمري مان 37 ڪلو چرس هٿ ڪرڻ جو ڪيس به داخل آهي. پراسيڪيوشن ڊپارٽمينٽ پوليس جي جاچ سان اتفاق نه ڪيو ۽ هڪ نوٽ لکيو ته جوابدارن جي بيان کان سواءِ آفيسرن خلاف ڪو به ٺوس ثبوت نه آهي، چالان ۾ چيو ويو آهي ته 18 جولاءِ تي بوٽ بيسن پوليس سي آءِ اي جي 6 اهلڪارن کي گرفتار ڪيو، سي آءِ اي ڄامشورو جي موبائل مان 77 ڪلو چرس هٿ ڪيو ويو، ڪارروائي دوران اهلڪارن 50 ڪلو چرس ظاهر ڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔