مٺي ۾ پي ٽي آءِ پاران پوليس زيادتين خلاف ڌرڻو آفيسرن کي نه هٽائڻ تائين جاري رکڻ جو اعلان

مٺي: مٺي ۾ پي ٽي آء پاران پوليس زيادتين خلاف صبح 10 وڳي کان لڳل ڌرڻو ارباب غلام رحيم جي اڳواڻي ۾ جاري آهي. ايس ايس پي ٿرپارڪر ۽ ڪلوئي ۽ ڏيپلو جي ايس ايڇ اوز کي نه هٽائڻ تائين ڌرڻو جاري رکڻ جو چتاء ڏنڳو ويو آهي

ارباب غلام رحيم جو چوڻ هو ته سنڌ سرڪار پوليس معرفت سياسي مخالفن جو جيئڻ جنجال بڻايو آھي، پ پ پ جي سنڌ سرڪار ڪرپشن ۽ سياسي مخالفن کي هيسائڻ کانسواء ھيستائين ڪجهه ناهي ڪيو، پ پ پ وارا مڪاني چونڊن ۾ عوام کي ڏنڊي جي زور تي هيسائي پوليس گردي شروع ڪئي آھي، ٿر ۾ ونگاري ۽ ڪمدار ايس ايس پي ۽ ايس ايڇ اوز مقرر ڪيا ويا آھن جيڪي بي گناه سياسي مخالفن کي انتقام جو نشانو بڻائي رهيا آھن

ارباب غلام رحيم چيو ته وفاقي سرڪار ۽ عدالتن کي ٿر جي پوليس گردي سميت سڄي سنڌ ۾ ٿيندڙ انتقامي ڪاررواين جو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪريان ٿو، ٿر جو عوام زيادتين ۽ ظلم خلاف روڊن تي نڪتو آھي ڌرڻي جي ايندڙ حڪمت عملي به عوام طئه ڪندو مطالبن جي مڃتا تائين احتجاج جاري رهندو. ڌرڻي ۾ ارباب انور جبار، لال مالهي، ارباب ظفر الله ۽ ٻيا پڻ شريڪ آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔