اسلام آباد هاءِ ڪورٽ: توشه خانه ڪيس ۾ حڪومت هڪ دفعو ٻيهر مهلت گهري ورتي

اسلام آباد: توشه خانه ڪيس ۾ حڪومت هڪ دفعو ٻيهر عدالت کان مهلت گهري ورتي. اٽارني جنرل سپريم ڪورٽ ۾ اهم ڪيس جي ٻڌڻي سبب التوا جي استدعا ڪئي جنهن تي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب اٽارني جنرل جي استدعا منظور ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.
ياد رهي ته ڪابينه ڊويزن انفارميشن ڪميشن آف پاڪستان جي فيصلي خلاف درخواست داخل ڪري رکي آهي. انفارميشن ڪميشن وزيراعظم کي توشه خانه کان ملندڙ تحفن جا تفصيل شهري کي ڏيڻ جو حڪم ڏنو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔