سعودي عرب جي تاريخ ۾ پهريون فلم فيسٽيول شروع ٿي ويو

رياض: سعودي عرب جي تاريخ ۾ پهريون فلم فيسٽيول شروع ٿي ويو آهي.  سعودي عرب جي شهر جده ۾ هلندڙ پهرين فلم فيسٽيول ۾ دنيا جا مشهور اداڪار ۽ موسيقار حصو وٺي رهيا آهن. پرڏيهي خابرو اداري موجب فيسٽيول ۾ 67 ملڪن جون 30 کان وڌيڪ ٻولين ۾ 138 ڊاڪيومينٽريز ڏيکاريون وينديون، ڏهن ڏينهن تائين جاري رهندڙ ريڊ سي فيسٽيول ۾ شريڪ ٿيندڙن ان فيسٽيول کي سعودي عرب لاءِ خوش آئد قرار ڏنو.

ٻئي طرف سعودي اداڪار ۽ هدايتڪار هن فلم فيسٽيول مان تمام گهڻا خوش آهن، کين اميد آهي ته سال 2030 تائين سعودي عرب جي تفريحي صنعت کي 95 ڪروڙ 50 لک ڊالرن جو منافعي جو ڪاروبار ڪرڻ جو امڪان آهي. فنڪارن جو چوڻ هو ته فلم انڊسٽري جو منافعو ملڪي پرڏيهي مٽاسٽا ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.

  • TAG

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔