ڀارت جي چيف آف ڊفينس جو ھيليڪاپٽر ڪري تباھ، 2 ڄڻا مارجي ويا

نئين دھلي: ڀارتي فوج جي پھرين چيف آف ڊفينس جنرل بپن راوت جو ھيليڪاپٽر ڪري تباھ ٿي ويو، ڀارتي ميڊيا موجب چيف آف ڊفينس اسٽاف جنرل بپن راوت جو ملٽري ھيليڪاپٽر رياست تامل ناڊو ۾ ڪونور جي ويجھو ڪري تباھ ٿي ويو، واقعي بعد سرچ اينڊ ريسڪيو آپريشن شروع ڪيو ويو آھي

ڀارتي ميڊيا موجب ھيليڪاپٽر ۾ سي ڊي ايس بپن راوت جو عملو ۽ خاندان جا ڪجھ ماڻھو سوار ھئا، ڀارتي فضائيا  جي طرفان سوشل ميڊيا تي تصديق ڪئي وئي آھي تھ چيف آف ڊفينس اسٽاف جنرل بپن راوت جو ايم آءِ 17 فائيو ھيليڪاپٽر ڪري تباھ ٿي ويو آھي، انڊين ايئر فورس پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آھي تھ ھيليڪاپٽر حادثي جا سبب ڄاڻڻ لاءِ جاچ شروع ڪئي وئي آھي

  • T

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔