اھڙو احتساب نه ڪڏھن ٿيو آ ۽ نه ٿيندو: چيئرمين نيب جاويد اقبال

اسلام آباد : نيب چيئرمين رٽائرڊ جسٽس جاويد اقبال پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي اڳيان پيش ٿيو، اجلاس ۾ نيب چيئرمين جي پيش ٿيڻ تي پي اي سي چيئرمين رانا تنوير چيو ته ڪفر ٽُٽُو خدا خدا ڪري، توهان اچڻ گهڻي دير ڪري ڇڏي

نيب چيئرمين چيو ته مون کي ڪجهه ڳالهائڻ ڏيو، جنهن تي ڪميٽي چيئرمين رانا تنوير چيو ته پهرين منهنجي گذارش ٻڌو، نيب جي ڪارڪردگي رڳو ميڊيا تي ٻڌايو ٿا، پي اي سي کي به اعتماد ۾ وٺڻ گهرجي

 نيب چيئرمين چيو ته ڪوبه ماڻهو پارليامينٽ جي بالادستي کان انڪار نٿو ڪري سگهي، آئون مغل شهنشاهه نه آهيان ۽ احساس آهي ته هڪ ٻه دفعا پارليامينٽ ۾ پيش نه ٿي سگهيس، سدائين جائز سببن جي ڪري ڪميٽي اڳيان پيش نه ٿي سگهيو آهيان

ھن چيو تھ نيب آئين ۽ قانون کان مٿي نه آهي، بهتر ٿيندو ته ڪميٽي جو خصوصي اجلاس سڏايو وڃي، سمورن سوالن جا جواب ڏيندس، پي اي سي نيب چيئرمين جي گذارش تي ڪرپشن ڪيسز جي تفصيلن بابت خصوصي اجلاس سڏائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آھي

نيب چيئرمين رٽائرڊ جسٽس جاويد اقبال جون پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي اجلاس ۾ پيشي جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهيون ڪيون، پارليامينٽ جو سدائين احترام ڪيو آهي ۽ ڪندس، ڪجهه مصروفيتن جي ڪري پارليامينٽ نه اچي سگهو هئس

شاهد خاقان عباسي طرفان ڊيلي ويجز چيئرمين قرار ڏيڻ بابت سوال جي جواب ۾ نيب چيئرمين چيو ته جِن خلاف ڪيس هلي رهيا آهن، انهن جي راءِ جي ڪابه اهميت ناهي، سليڪٽو احتساب جون ڳالهيون به سئو سيڪڙو غلط آهن، اهڙو احتساب ماضي ۾ ڪڏهن به ناهي ٿيو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔