عوام جي تڪليفن کي ڏسندي غريب ماڻهن کي رليف ڏئي رهيا آهيون: وزيراعظم

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ماڻهن جي تڪليفن کي ڏسندي غريب ماڻهن کي عام واهپي وارين شين تي سبسڊي ڏئي رهيا آهيون. رپورٽ موجب وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ احساس راشن پروگرام بابت اجلاس ٿيو.
ڊاڪٽر ثانيه نشتر، ناڻي وارو صلاحڪار شوڪت ترين، گلگت بلتستان جو وڏو وزير خالد خورشيد، ڊاڪٽر شهباز گل ۽ ٻين سينئر آفيسرن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس کي بريفنگ ڏني وئي ته احساس راشن پروگرام جي تحت ماهوار لکين روپين جي سبسڊي ڏني پئي وڃي. 20 ملين گهرن کي اٽو، گيهه ۽ دالين تي 1000 ڏنا ويندا. جنهن جي ماهوار آمدني 50.000 هزار روپين کان گهٽ آهي.
پروگرام هلندڙ مهيني ڊسمبر تي سموري ملڪ ۾ شروع ڪيو ويندو. پروگرام جي تحت ڪريانه اسٽور جي رجسٽريشن جاري آهي ۽ هينئر تائين 15000 کان وڌيڪ ڪريانه اسٽورز رجسٽرڊ ٿي چڪا آهن. لاڳاپيل اختيارين کي هدايتون ڪيون آهن ته ملڪ ۾ وڌ کان وڌ غريب گهرن کي فائدو پهچائڻ جي لاءِ رجسٽريشن جي عمل کي تيز ڪيو وڃي. ڪريانه اسٽورز ۽ امڪاني فائدو کڻندڙن ۾ بيداري پيدا ڪرڻ جي لاءِ ضلعي حڪومت جي اختيارين کي به شامل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
وزيراعظم چيو ته حڪومت عام ماڻهو کي وڌ کان وڌ ريليف ڏيڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. مهانگائي سبب ماڻهن جي تڪليفن کي ڏسندي غريب ترين ماڻهن کي عام واهپي وارين شين تي سبسڊي ڏئي رهيا آهيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔