اومي ڪرون وائرس جي تصديق: سعودي عرب لاڪ ڊائون بابت اهم اعلان ڪري ڇڏيو

رياض: سعودي حڪومت اومي ڪرون ڪيس رپورٽ ٿيڻ تي مڪمل لاڪ ڊائون جو امڪان رد ڪري ڇڏيو آهي. سعودي عرب ۾ گذريل ڏينهن ڪورونا وائرس جو آفريقي ويرينٽ اومي ڪرون جو پهريون ڪيس رپورٽ ٿيو آهي جنهن کان پوءِ اختيارين ان حوالي سان جاچ به شروع ڪري ڏني آهي. پر سعودي صحت واري وزارت اومي ڪرون سامهون اچڻ تي ملڪ ۾ مڪمل لاڪ ڊائون جي امڪان کي رد ڪري ڇڏيو آهي.
سعودي صحت واري وزارت چيو آهي ته ڪورونا جي شروعات تي امڪان وڌيڪ هئا ڇو ته ان وقت ويڪسين نه هئي پر هاڻ سعودي عرب ۾ 22 ملين کان وڌيڪ ماڻهن ويڪسين جون ٻئي خوراڪون وٺي ڇڏيون آهن. ترجمان چيو ته سعودي معاشري ۾ وائرس بابت مدافعتي نظام بهترين آهي. ان ڪري ماڻهو حفاظتي تدبيرن جي پابندي ڪن ۽ ميڙ وارن هنڌن کان پري رهن.
ترجمان وڌيڪ چيو ته جيڪي ماڻهو ملڪ کان ٻاهر وڃڻ جو پروگرام ٺاهي رهيا آهن اهي هاڻ سوچي سمجهي فيصلو ڪن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔