رياست ماءُ جيان هوندي آهي، ڪو لاپتا ٿئي ته اها رياست جي ناڪامي آهي: چيف جسٽس

ڪراچي: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس اطهر من الله صحافي ۽ بلاگر مدثر نارو جي گمشدگي واري ڪيس ۾ ريمارڪس ڏيندي چيو ته اسان جي اڌ زندگي غير جمهوري حڪومتن ۾ گذري، هي انهن جپ ڪيل آهي

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله صحافي ۽ بلاگر مدثر نارو جي بازيابي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن سلسلي ۾ انساني حقن واري وفاقي وزير شيرين مزاري ۽ گهرو سيڪريٽري يوسف نسيم کوکر عدالت ۾ پيش ٿيا، جڏهن ته درخواستگذار طرفان عثمان وڙائچ ايڊووڪيٽ پيش ٿيو پر ايمان مزاري بيماري سبب پيش نه ٿي سگهي، وفاق طرفان ايڊيشنل اٽارني جنرل ۽ ڊپٽي اٽارني جنرل به عدالت ۾ پيش ٿيا

چيف جسٽس اطهر من الله وفاقي وزير کي مخاطب ٿيندي چيو ته شيرين مزاري صاحبه توهان کي ان ڪري زحمت ڏني ته رياست نظر نٿي اچي، ملڪ ۾ جبري گمشدگين جو رجحان آهي، ڪنهن جو گم ٿي وڃڻ انسانيت جي خلاف ڏوهه آهي

جسٽس اطهر من الله رمارڪس ڏيندي چيو ته وزيراعظم ۽ ڪابينا جا ميمبر عوام جي خدمت لاءِ آهن، لاپتا شخص جي بازيابي لاءِ رياست جو رد عمل غير موثر آهي، رياست ماءُ جهڙي هوندي آهي پر هو ڪٿي به نظر نه پئي اچي، جيڪڏهن ڪو به متاثر اچي ۽ چوي ته هن جو پيارو لاپتا ته اها رياست جي ناڪامي آهي

ان موقعي تي انساني حقن واري وفاقي وزير شيرين مزاري چيو ته توهان اڳ به قيدين جي معاملي تي گهرايو هو، جبري گمشدگين جو معاملو اسان جي منشور ۾ هو، اسان ان حوالي سان قانون سازي به ڪئي آهي، جلد سينيٽ ۾ موڪلينداسين، وزيراعظم بڻجڻ کان اڳ به عمران خان جو هن مامري تي واضح موقف رهيو آهي

چيف جسٽس چيو ته رياست جي طرفان ڪنهن کي به اغوا ڪرڻ انتهائي وڏو ڏوهه آهي، جيڪڏهن سرڪاري آفيسر جو ڪو پيارو گم ٿي وڃي ته رياست جو رد عمل ڇا هوندو؟ جيڪڏهن سرڪاري آفيسر جو ڪو پيارو گم ٿي وڃي ته سڄي مشينري حرڪت ۾ اچي ويندي، رياست جو رد عمل عام شهري جي گم ٿيڻ جي صورت ۾ به ساڳيو ئي هجڻ گهرجي

جسٽس اطهر من الله چيو ته عدالت کي ٻڌايو ويو آهي ته گم ٿيل شخص جي زال به گذاري وئي آهي، سمورا ادارا وفاقي حڪومت جي ماتحت آهن، هي سمريون يا رپورٽ جو معاملو ناهي، گم ٿيل شخص جي ٻارڙن ۽ والدين کي مطمئن ڪيو ، رياست جي ذميواري آهي ته ٻارڙن جو خيال رکي ۽ متاثر خاندان جي ڳالهه ٻڌي

ان تي شيرين مزاري چيو ته اڃا تائين بيان حلفي نه مليو، هن لاءِ خرچ ادا ڪرڻ لاءِ ڪم ڪنداسين، چيف جسٽس هدايت ڪئي ته متاثر خاندان کي وزيراعظم وٽ وٺي وڃو ۽ ڪابينا جي ميمبرن سان ملاقات ڪرايو، جنهن تي شيرين مزاري چيو ته وزيراعظم سندن ڳالهه ضرور ٻڌندو، اسان چاهيون ٿا ته پهريان هنن جي خرچ جي ادائيگي تي ڪم ڪيون

وفاقي وزير چيو ته گم ٿيل شخص جي ٻارڙي ۽ڏاڏيءَ جي وزيراعظم سان ملاقات ڪرائي ويندي، ان کان اڳ سندن لاءِ ادائيگي جو عمل ايندڙ هفتي تائين مڪمل ڪرڻ ڏيو، ه اسان جي حڪومت جبري گمشدگي کي سنگين ڏوهه سمجهي ٿي، جمهوريت ۾ ڪنهن کي به گم ڪرڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي، عدالت چيو ته توهان ڪوشش ڪيو ته هي وزيراعظم سان ملاقات بعد مطمئن ٿي ڪري واپس اچن

جسٽس اطهر من الله رمارڪس ڏنا ته گم ٿيل ماڻهن جي ذميواري وزيراعظم ۽ ڪابينا جي ميمبرن تي آهي، رياست جي بجاءِ معاوضي جي رقم وزيراعظم ۽ ڪابينا ميمبرز ڇو نه ادا ڪن، ته جيئين هي مامرو هميشه لاءِ ختم ٿي وڃي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔