سکر: عدالت ٻيلي کاتي جي ننڍن ملازمن کي اپگريڊ ڪرڻ جو حڪم ڏئي درخواست اڪلائي ڇڏي

سکر:سنڌ هاءِ ڪورٽ بينچ سکر ۾ ٻيلي کاتي سنڌ جي ننڍن ملازمن کي ملڪ جي ٻين صوبن جيان اپگريڊ نه ڪرڻ خلاف داخل پٽيشن جي ٻڌڻي جسٽس جنيد غفار ۽ جسٽس خادم حسين تنيو ڪئي

ٻڌڻي دوران سيڪريٽري فنانس طرفان ملازمن کي اپگريڊ ڪرڻ بابت رپورٽ جمع ڪرائي وئي، جنهن تي عدالت سيڪريٽري فنانس جي رپورٽ جي روشني ۾ ملازمن کي اپگريٽ ڪرڻ جو حڪم جاري ڪندي درخواست اڪيلائي ڇڏي

شمس کوسو جو چوڻ آهي ته ملڪ جي ٻين صوبن ۾ فاريسٽ جي ننڍن ملازمن جا گريڊ وڌيڪ آهن، عدالت ملازمن جي حق ۾ فيصلو ڏيندي سنڌ حڪومت کي سنڌ جي فاريسٽ ملازمن کي سيڪريٽري فنانس سنڌ جي رپورٽ جي روشني ۾ اپگريٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔