ملڪ ۾ ڪورونا کان بچاءُ لاءِ اڄ کان بوسٽر ڊوز لڳڻ شروع

ڪراچي: عالمي وبا ڪورونا کان بچاءُ جي لاءِ اڄ کان 50 سالن ۽ ان کان مٿي عمر وارن ماڻهن کي ڪورونا جي خاتمي واري ويڪسين جو بوسٽر ڊوز لڳايو ويندو

ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر اسلام آباد (ڊي ايڇ او) ڊاڪٽر زعيم ضياءَ موجب نيشنل اينڊ ڪمانڊ سينٽر (اين سي او سي) جي فيصلي کي نظر ۾ رکندي پهرين ڊسمبر کان 50 سالن کان مٿي عمر وارن ماڻهن ۾ اينٽي ڪورونا ويڪسين بوسٽر لڳائڻ جو آغاز ڪيو ويندو

ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر اسلام آباد جو چوڻ هو ته جن ماڻهن کي بوسٽر ويڪسين ڏني وئي آهي اهي سائانو فارم، سائانو ويڪس ۽ فائزر حاصل ڪري سگهندا

ياد رهي ته ڪورونا وائرس جو نئون ويرينٽ اومي ڪرون جيڪو ڏکڻ آفريڪا ۾ سامهون آيو آهي، سڄي دنيا ۾ ڌم مچائي ڇڏي آهي، وزيراعظم عمران خان جي صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان گذريل ڏينهن چيو آهي ته پاڪستان ۾ هن وقت تائين اومي ڪرون جو ڪو به ڪيس سامهون ناهي آيو

گذريل ڏينهن اين سي او سي جي سربراهه اسد عمر پريس ڪانفرنس ڪندي چيو هو ته اومي ڪرون جي پاڪستان آمد کي روڪڻ ناممڪن آهي، اسد عمر چيو ته وائرس کي روڪڻ ناممڪن آهي پر ان کي منهن ڏيڻ جو واحد حل ويڪسينيشن آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔