پاڪستان ۾ ايندڙ چونڊون اي وي ايم ذريعي ٿينديون: شيخ رشيد

اسلام آباد: وفاقي گھرو وزير شيخ رشيد چيو آھي تھ پاڪستان ۾ ايندڙ چونڊون اي وي ايم ذريعي ٿينديون، چونڊن ۾ اي وي ايم جي استعمال وارو قانون ٺهي ويو، هاڻي اپوزيشن جي مرضي آهي ته عدالت وڃي ٿي يا نه، عوام جي حق ۾ فيصلو ڪيون پيا

وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته هر ڀيري چونڊن کانپوءِ پينڊورا باڪس کُلي ويندو آهي، پي ٽي آءِ حڪومت جو سڀ کان اهم فيصلو سمنڊ پار پاڪستانين لاءِ آهي، سمنڊ پار پاڪستاني آءِ ايم ايف کان به وڌيڪ پئسو اُماڻي رهيا آهن

ھن چيو تھ چونڊن ۾ پنجاب جي 40 تڪن جو فيصلو سمنڊ پار پاڪستانين جي ووٽن سان ٿيندو، قرض ڏيڻ تي سعودي عرب جا ٿورائتا آهيون، اُن سان ملڪي معيشت کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي،ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ مهانگائي پگهاردار طبقي لاءِ آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔