ڪورونا جو نئون قسم: سنگل ڊوز وارا شهري ٻيو ڊوز لڳرائين: اسد عمر

اسلام آباد: نيشنل ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر(اين سي او سي) جي سربراهه اسد عمر چيو آهي ته ڪورونا جي نئين قسم اومي ڪرون جي خلاف ويڪسينيشن ئي بچاءُ جو بهتر ذريعو آهي. اسلام آباد ۾ ڊاڪٽر فيصل سلطان سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي اسد عمر چيو ته ڪورونا جي نئين قسم انتهائي خطرناڪ آهي جيڪا تيزي سان سموري دنيا ۾ پکڙجي رهي آهي ۽ نئين قسم بابت اين سي او سي ڪجهه فيصلا ڪيا آهن.
هاءِ رسڪ ايريا ۾ ٽيسٽنگ جو تعداد وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ان سان گڏوگڏ ڪورونا ٽيسٽنگ ۾ تيزي آڻڻ ۽ بهتر بنائڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته اين سي او سي ۾ سمورا فيصلا مستقبل کي سامهون رکي ڪيا ويندا. پاڪستان ۾ ڪورونا جي نئين قسم کي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. پر نئين قسم جي خلاف ويڪسينيشن ئي بچاءُ جو بهتر ذريعو آهي.
اسد عمر چيو ته ٻاهران ايندڙن لاءِ وڌيڪ قدم کڻنداسين. اسان احتياط ڪري ڪورونا جي نئين قسم جا اثر گهٽ ڪري سگهون ٿا پر ان کي روڪي نٿا سگهون. پاڪستان ۾ ويڪسينيشن سبب ڪيترن ئي هفتن کان ڪورورنا جي شرح گهٽ ٿي رهي آهي. ايندڙ ٻن کان ٽن ڏينهن ڏينهن دوران ويڪسينيشن جي وڏي مهم شروع ڪري رهيا آهيون.
جن 3 ڪروڙ پاڪستانين هڪ ڊوز لڳرايو آهي اهي اڄ کان ئي ٻيو ڊوز لڳرائين. سمورا قدم کڻي ڪورونا جي نئين قسم ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته اهڙن ماڻهن کي بوسٽر ويڪسين لڳائي ويندي جن کي ڪورونا جو وڌيڪ خطرو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔