ملڪ تي ڪرپٽ اڳواڻ کان وڏو ٻيو ڪوبه عذاب نٿو ٿي سگهي،وزيراعظم عمران خان

جهلم: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪنهن ملڪ تي ڪرپٽ اڳواڻ کان وڏو ٻيو ڪوبه عذاب نٿو ٿي سگهي. جڏهن ملڪ ۾ ڪرپشن کي برائي نه سمجهيو وڃي ته معاشري ۾ محنت ڪير ڪندو. اڳواڻ ڪڏهن به ائين ناهي ڪندو ته پنهنجن مائتن کي اهم عهدن تي مقرر ڪري، ملڪ ۾ ميرٽ جو نظام هجڻ گهرجي.
وزيراعظم عمران خان جهلم ۾ القادر يونيورسٽي جي اڪيڊمڪ بلاڪ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ڪرپشن کي برائي نه سمجهيو وڃي ته معاشري ۾ محنت ڪير ڪندو؟ جڏهن اسان ڪرپشن کي خراب نٿا سمجهون ته معاشرو تباهه ٿي ويندو. اخلاقيات کان سواءِ ڪوبه معاشرو ترقي نٿو ڪري سگهي. لاهور ۾ هڪ سيمينار ٿيو جنهن ۾ سپريم ڪورٽ جي ججز کي گهرايو ويو. سيمينار ۾ هڪ اهڙي شخص کي به گهرايو ويو جيڪو ملڪ جا پئسا چوري ڪري ٻاهر ڀڳل آهي. سيمينار ۾ ان چيف گيسٽ کي گهرايو ويو جيڪو سزا يافته آهي. سڀني کان وڏي برائي اها آهي ته اسان چورن کي خراب نٿا سمجهون. عمران خان چيو ته هڪ وقت اهڙو هو جڏهن پاڪستان تيزي سان ترقي ڪري رهيو هو. پوءِ پاڪستان زوال طرف وڌڻ لڳو. انسان ۾ اهي خصوصيتون آهن جيڪي ڪنهن ٻئي مخلوق ۾ نه آهن. ماڻهو مون کي سياست ۾ اچڻ کان اڳ به سڃاڻيندا هئا، سياست ۾ جيترا به ماڻهو اڳ آيا هئا انهن کي ڪير به نه سڃاڻيندو هو. مان سياست ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ آيس.
وزيراعظم وڌيڪ چيو ته مسلمان دنيا ۾ ذهني غلام آهن. اسان وٽ سڀني کان اهم شيءَ ايمان جي دولت آهي. ايماندار شخص ڪيترين ئي پابندين کان آزاد هوندو آهي. اسان جو تعليمي نظام ئي اسان جي ڪاميابي آڏو اچي ويو. تعليم نظام ورهايل هجڻ سبب مسئلن جنم ورتو، تعليمي نظام ۾ هڪ جهڙائي ضروري آهي. هڪ جهڙي تعليمي نظام سان غريب کي فائدو ٿيندو.
عمران خان چيو ته ذهني غلامي جسماني غلامي کان وڌيڪ خراب آهي. عظيم قوم بنجڻ لاءِ عظيم ڪردار گهرجي. سچ ۽ انصاف کان سواءِ ڪوبه وڏو اڳواڻ نٿو بڻجي سگهي. ملڪ ۾ سڀني کان وڏو مسئلو مغربي ثقافت جو عام هجڻ آهي. اسلام جي خلاف جڏهن به ڪو معاملو ٿيندو آهي ته پاڪستان سڀني کان اڳيان هوندو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔