سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنز کي اڍائي مهينن تائين گئس جي سپلاءِ بند ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي: سنڌ ۾ گئس جي بحران سبب سي اين جي اسٽيشنز کي اڍائي مهينن جي لاءِ گئس بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. سوئي سدرن موجب غيربرآمدي صنعتن کي پهريان ئي گئس جي سپلائي بند ڪئي وئي آهي.
هاڻ سي اين جي اسٽيشنز کي 1 ڊسمبر 2020ع کان 15 فيبروري 2022 تائين گئس جي فراهمي بند رهندي. سوئي سدرن چيو آهي ته گهريلو صارفين جون ضرورتون پوريون ڪرڻ جي لاءِ اهو فيصلو ڪيو ويو آهي. لوڊ مينجمينٽ جي تحت گهريلو صارفين جي ضرورت پوري ڪرڻ جي لاءِ سي اين جي سيڪٽر کي گئس جي فراهمي بند ڪئي ويندي.
گئس جي طلب وڌڻ سبب اهو فيصلو ڪيو ويو آهي. پر زيرو رينڊ صنعتن خاص طور تي ڪيپٽو پاور پلانٽس کي گئس جي سپلاءِ بحال آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔