ڪراچي ۾ ٻه مسافر بسون ٽڪرائجي ويون، ٽي ڄڻا فوت، چوٽيهه زخمي

ڪراچي: ڪراچي ۾ نيشنل هاءِ وي ۽ سپر هاءِ وي تي ٻن مختلف روڊ حادثن ۾ 3 ڄڻا فوت جڏهن ته 34 زخمي ٿي پيا جن مان بس ڊرائيور سميت 3 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.
نيشنل هاءِ وي تي لانڍي ٻارن واري جيل ويجهو بس ۽ ڪوسٽر ۾ ٽڪر ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا فوت ۽ 9 زخمي ٿي پيا. ريسڪيو اختيارين موجب حادثي جو شڪار ٿيندڙ ڪوسٽر وين نجي ڪمپني جي ملازمن کي کڻي وڃي رهي هئي. حادثو ٻنهي ڊرائيورن جي تيز رفتاري سبب پيش آيو. هوڏانهن سپر هاءِ وي ڪاٺوڙ موڙ ويجهو ڄاڃين جي بس ۽ ٽرڪ ۾ ٽڪر ٿي پيو حادثي جي نتيجي ۾ 25 ڄڻا زخمي ٿي پيا بس ڊرائيور جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.
حادثي جو شڪار ماڻهو شادي جي تقريب ۾ شرڪت کان پوءِ واپس اچي رهيا هئا. ريسڪيو ذريعن موجب حادثي جو شڪار بس حيدرآباد کان ڪراچي اچي رهي هئي ته ڪاٺوڙ ويجهو ٽريلر سان ٽڪرائجي وئي، حادثي جي زخمين کي ويجهي اسپتال ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔