گيس بحران: پيٽروليم واري سيڪريٽري پاران گهرن ۾ سلينڊر استعمال ڪرڻ جو مشورو

ڪراچي: ملڪ جي مختلف شهرن ۾ گيس جي لوڊشيڊنگ جاري آهي، جنهن ڪري گهرن ۾ کائڻ پيئڻ به مشڪل ٿي ويو، ڪراچي سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ گئس جي لوڊشيڊنگ سبب گهرن جا چُلها ٿڌا ٿي ويا آهن، جنهن سبب شهري بازارن مان کاڌو خريد ڪرڻ تي مجبور آهن ۽ مهانگي هوٽلن جو کاڌو خريد ڪري ٻيڻو عذاب برداشت ڪري رهيا آهن

ٻئي طرف پيٽروليم واري سيڪريٽري جو چوڻ آهي ته دنيا ۾ پائيپ لائين ذريعي گئس فراهم ڪرڻ جو تصور ئي غائب ٿي رهيو آهي

هن چيو ته ڀارت ۾ به پائيپ لائين گيس جي کوٽ ڪئي پئي وڃي، گهريلو استعمال لاءِ سلينڊر گيس لاءِ وڃڻو پوندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔