نوشين جي وارثن واقعي جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي جوڙڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

لاڙڪاڻو :شاگردياڻي نوشين ڪاظمي جَي وارثن طرفان ايس ايس پي لاڙڪاڻو عمران قريشي سان ملاقات ڪئي وئي، شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ کي پڻ رد ڪيو ويو آھي، نوشين جي والد هدايت الله شاهه ۽ چاچي فدا حسين شاهه واقعي جي جاچ لاءِ جَي آءِ ٽي جوڙڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آھي

ان سلسلي ۾ وارثن چيو آهي ته پوليس جاچ مان مطمئن آهيون پر يونيورسٽي انتظاميا سهڪار نه پئي ڪري، هاسٽل انتظاميا نوشين جي ڪمرو تبديل ڪرڻ درخواست تي نظرثاني ڪري ها ته واقعو نه ٿئي ها، نوشين ڪاظمي آپگهات ناهي ڪيو، واقعي کي آپگهات جو رنگ ڏيڻ ظلم آهي

ٻئي پاسي شاگردياڻي نوشين ڪاظمي جَي واقعي خلاف شاگرد، وڪيل ۽ سول سوسائيٽي سراپا احتجاج بڻيل آھن، لاڙڪاڻي ۾ شاگردن ۽ سول سائيٽي ٽئين ڏينهن به ريلي ڪڍي ايس ايس پي آفيس آڏو احتجاج ڪيو

بدين، وارهه، نواب ولي محمد ۽ ٻين شهرن ۾ به احتجاجي مظاهرا، شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي جِي وي سي نوشين ڪاظمي واقعي جي ذميوار قرارڏنو ويو، مظاهرين طرفان وي سي کي جاچ ۾ شامل ڪرڻ جو مطالبو، ايس يو پي سربراهه سيد جلال محمود شاهه طرفان نوشين ڪاظمي واقعي جي اڻڌري جاچ جو مطالبو ڪيو ويو آھي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔