نسله ٽاور کي ڊاهڻ جو ڪم هڪ هفتي اندر مڪمل ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي: سپريم ڪورٽ طرفان ڪراچي ۾ نسله ٽاور کي ڊاهڻ جو ڪم هڪ هفتي اندر مڪمل ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آھي، نسله ٽاور ڊاهڻ خلاف اپيل تي ٻڌڻي دوران عدالت طرفان سياسي بيان ڏيڻ تي جماعت اسلامي جَي اڳواڻ حافظ نعيم الرحمان مٿان سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيوويو

عدالت حافظ نعيم سان مخاطب ٿيندي چيو ته ڇو نه اوهان کي توهين عدالت جا نوٽيس جاري ڪيا وڃن، جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته نعيم الرحمان کي چيو ته هتي سياست نه هلندي، اوهان عدالت جي ڪمري مان نڪري وڃو

ٻئي پاسي پاڪ سرزمين پارٽي جي سربراھ مصطفيٰ ڪمال چيو آھي تھ جيڪڏهن نسله ٽاور بدران سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي کي ڌماڪي سان ڊاٺو وڃي ته شهر جو مسئلو ئي حل ٿي ويندو: پاڪ سر زمين پارٽي جي سربراهه مصطفيٰ ڪمال چيو ته سنڌ حڪومت چورن کي ادارن جو سربراهه بڻائي ڇڏيو آهي، ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مصطفيٰ ڪمال چيو ته ججز جي رٽائرمينٽ بعد سڀ ڳالهيون ڇو منظر عام تي اينديون آهن؟

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔