وفاقي ڪابينا ڪيپٽِوَ پاور پلانٽس لاءِ گئس جا اگهه 2.5 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو وڌائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد: وفاقي ڪابينا ڪيپٽِوَ پاور پلانٽس لاءِ گئس جا اگهه 2.5 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو وڌائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، ڪيپٽوَ پاور پلانٽس کي 6.5 ڊالرز بدران 9 ڊالرز في ايم ايم بي ٽي يو گئس وڪرو ڪئي ويندي

گئس اگهن ۾ واڌ 15 نومبر 2021ع کان مارچ 2022ع تائين لاڳو هوندي، ايڪسپورٽ انڊسٽري لاءِ گئس جا اگهه برقرار رکڻ جو فيصلو

وزيراعظم جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي بريفنگ ۾ چيو ويو آهي ته ملڪ ۾ هر سال گئس جي پيداوار 9 سيڪڙو گهٽجي رهي آهي، سياري ۾ توانائي ۽ ڀاڻ انڊسٽري سوڌو گهريلو استعمال لاءِ گئس جي گهرج وڌي وئي

گئس سپلاءِ يقيني بنائڻ لاءِ ايل اين جي گهرائڻي پئجي رهي آهي، اجلاس ۾ پيٽرول جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪندڙن خلاف ڪارروائي لاءِ سفارشون پيش، وفاقي ڪابينا اسلام آباد ۾ بلدياتي چونڊون ڪرائڻ جي به منظوري ڏئي ڇڏي…

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔