وزيراعظم عمران خان دبئي ۾ عالمي اسپورٽس ايوارڊ کٽي ورتو

ڪراچي: دبئي ۾ پاڪستان جي وزيراعظم عمران خان ورلڊ اسپورٽس ايوارڊ کٽي ورتو، ميڊيا رپورٽس موجب وزيراعظم عمران خان دبئي مان مشهور محمد بن راشد المڪتوم ڪرييٽيو اسپورٽس ايوارڊ حاصل ڪري ورتو جيڪو کيس ايندڙ سال جنوري ۾ ڏنو ويندو

وزيراعظم عمران خان کي اهو ايوارڊ 1992 ۾ ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ کٽڻ ۾ پنهنجي ملڪ جي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳواڻي ڪرڻ سميت راندين ۾ سندس خدمتن تي ڏنو ويو

ايوارڊ وزيراعظم عمران خان کي 9 جنوري تي دبئي ايڪسپو ۾ پيش ڪيو ويندو، عمران خان جي انٽرنيشنل اسپورٽس ايوارڊ لاءِ نامزدگي جو اعلان دبئي ۾ دنيا جي سڀ کان اونهي ڊائيونگ پول ڊيپ جي سنگم تي منعقد تقريب ۾ ڪيو ويو، جنهن ۾ دبئي اسپورٽس ڪائونسل جو چيئرمين شيخ منصور بن محمد بن راشد المڪتوم خاص مهمان هو

هن تقريب ۾ عمران خان کي عالمي اسپورٽس شخصيت قرار ڏنو ويو، ياد رهي ته هي انٽرنيشنل ايوارڊ هر سال دبئي ۾ دنيا جي اهم شخصيتن کي ڏنو ويندو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔