اسان ڪانها ڪمار کي قتل ڪيو! نينگر جي جوابدارن اعترافي بيان ڏئي ڇڏيو

خيرپور: ٻٻرلوءِ ۾ 8 سالا معصوم نينگر ڪانها ڪمار سان بدفعلي بعد کيس قتل ڪرڻ واري واقعي جي نامزد جوابدارن مدثر مڱڻهار ۽ انعام شاهه کي ٿرڊ جڊيشل مجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو

جوابدارن طرفان 164 جو بيان رڪارڊ ڪرائيندي نينگر سان بدفعلي بعد کيس گهٽا ڏئي ۽ سروٽا هڻي قتل ڪرڻ واري ڏوهه جو اعتراف ڪيو ويو

اعترافي بيان بعد جوابدار پوليس جي سخت پهري هيٺ سينٽرل جيل خيرپور منتقل ڪيا ويا. گذريل ڏينهن دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج ٻٻرلوءِ پوليس کي حڪم ڏنو هو ته جوابدارن جو مجسٽريٽ وٽ اعترافي بيان رڪارڊ ڪرايو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔