وفاقي ڪابينا اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي
وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اهم سياسي ۽ معاشي صورتحال تي غور ڪيو ويو ۽ اهم فيصلا ڪيا ويا
ذريعن موجب وفاقي ڪابينا اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي
ذريعن جو چوڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن بلدياتي چونڊن بابت شيڊول جلد جاري ڪندو جڏهن ته اجلاس ۾ پيٽرول بحران بابت ڪابينا ڪميٽي جي رپورٽ پيش ڪئي وئي
ذريعن موجب ڪابينا اجلاس ۾ معاشي صورتحال ۽ آءِ ايم ايف معاهدي تي بريفنگ ڏني وئي