سوشل ميڊيا تي حڪومت مٿان تنقيد ڪندڙ آفيسر خلاف انڪوائري جو حڪم

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان سوشل ميڊيا تي پي ٽي آءِ حڪومت مٿان تنقيد ڪرڻ تي سينيئر جوائنٽ سيڪريٽري ڪيبينيٽ ڊويزن حماد شميمي خلاف جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. وزيراعظم جي حڪم تي الزامن جو متن ۽ جاچ جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي

اسٽيبلشمينٽ سيڪريٽري 21 گريڊ جي آفيسر حماد شميمي خلاف چارج شيٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن خلاف ڊي جي ايف آءِ اي ثناءُ الله عباسي جاچ ڪندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔