هن ڀيري رڪارڊ 6 هزار ارب رپين جي ٽيڪس وصولي جي اميد آهي: وزيراعظم

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) جي ٽيم کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته اميد آهي ته 6 هزار ارب جو رڪارڊ ٽيڪس گڏ ڪنداسين

اسلام آباد ۾ ايف بي آر جي ٽريڪ اينڊ ٽريڪ سسٽم جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته اهو هڪ اهڙو قدم هو جنهن تي مون کي شڪ هو ته پنجن سالن ۾ پورو نه ٿيندو

هن چيو ته ايف بي آر ۽ حڪومتون 2008 کان ان سسٽم تي ڪم ڪري رهيون آهن پر هاڻي 2021 ۾ ان جو افتتاح ڪيو ويو آهي ۽ اڄ کان اهو نظام شگر انڊسٽري ۽ پوءِ سيمنٽ، ڀاڻ ۽ سرين سميت ٻين شعبن ۾ لاڳو ڪيو ويندو

هن چيو ته اسان وٽ ڪڏهن به ٽيڪس ڪلچر نه رهيو آهي ۽ ماڻهو ٽيڪس چوري کي خراب ڪم نه سمجهندا هئا، ان جو هڪ سبب نوآبادياتي نظام هو، ڇاڪاڻ ته ٻاهران ماڻهو ايندا هئا ۽ پئسا وٺي ويندا هئا، جڏهن ته جيڪي ماڻهو سمجهن ٿا ته ٽيڪس اسان لاءِ استعمال ٿيندو. انهن جو رويو مختلف هوندو آهي

عمران خان چيو ته آزادي کانپوءِ اسان جي حڪمران اشرافيه ٽيڪس جي نظام کي وڌڻ نه ڏنو ڇو ته ٽيڪس جي پئسي تي هنن جو پنهنجو الڳ طرز زندگي آهي ۽ ماڻهو سمجهن ٿا ته کين اسان جو ڪو درد ناهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔