سينيٽر ايوب آفريدي استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، شوڪت ترين کي سينيٽر بنائڻ جو امڪان

اسلام آباد: ناني واري صلاحڪار شوڪت ترين کي سينيٽر بنائڻ جا امڪان ظاهر ٿي ويا آهن. پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيٽر ايوب آفريدي پنهنجي سيٽ تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي جنهن کي سينيٽ چيئرمين منظور ڪري ورتو آهي.
سينيٽ سيڪريٽريٽ ايوب آفريدي جي سيٽ کي خالي قرار ڏيندي نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي نوٽيفڪيشن بابت اليڪشن ڪميشن کي به آگاهه ڪيو ويو آهي. اليڪشن ڪميشن خالي سيٽ تي 30 ڏينهن ۾ چونڊون ڪرائڻ جو پابند آهي. ذريعن موجب ايوب آفريدي کي پرڏيهي پاڪستانين بابت وزيراعطم جو صلاحڪار بنايو ويندو.
ايوب آفريدي چيو آهي ته مون وزيراعظم کي استعيفيٰ پيش ڪئي پر گڏيل اجلاس سبب انتظار جو چيو ويو منهنجي سينيٽ واري سيٽ وزيراعظم جي امانت هئي جيڪا مون خوشي سان واپس ڪئي، هاڻ وزيراعظم کي اختيار آهي ته هو چنهن کي چاهي ذميواري ڏئي.
هن چيو ته جيڪڏهن وزيراعظم مون کي ڪابه ذميواري نه ڏيندو ته تڏهن به مون کي ڪو اعتراض نه آهي. جڏهن وزيراعظم موقعو ڏنو ته ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪندس.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔