ڊيبيو کان پوءِ شاهنواز ڏاهاڻي جي پهرين پوسٽ وائرل

ڍاڪا: گذريل ڏينهن بنگلاديش جي خلاف سيريز جي آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ ڊيبيو ڪندڙ پاڪستاني بالر شاهنواز ڏاهاڻي ميچ کان پوءِ پاڪستان جي لاءِ کيڏڻ تي خوشي جو اظهار ڪيو آهي.
ٽوئٽر تي شاهنواز ڏاهاڻي پنهنجي پهرين وڪيٽ تي خوشي جو اظهار ڪندي هڪ تصوير شيئر ڪئي جنهن ۾ هن ميچ ڊيبيو کان پوءِ رب پاڪ جو ٿورو ادا ڪيو. ڏاهاڻي طرفان شيئر ڪيل تصوير ۾ هن ڊيبيو وڪيٽ کي بهترين قرار ڏنو ۽ ميچ دوران بنگلاديش جي مداحن طرفان سٺي موٽ ملڻ تي انهن جو ٿورو به ادا ڪيو.
ٻئي طرف شاهنواز ڏاهاڻي پنهنجي پوسٽ ۾ پاڪستاني مداحن طرفان ملندڙ پيار ۽ تعاون جو به ٿورو ادا ڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔