آڊيو جي فرانزڪ ڪرايو، پاڻمرادو نوٽيس وٺو، جيڪو غلط هجي ان کي سزا ڏيو: شاهد خاقان عباسي

ڪراچي: نواز ليگ اڳواڻ شاهد خاقان عباسي اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي مبينا آڊيو جي فرانزڪ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن اسان حلف نامو يا آڊيو ٺاهي ته بلڪل سزا ڏيو، جيڪڏهن حلف نامي ۾ ڪيل ڳالهيون درست آهن ته ثاقب نثار کي سزا ڏيو، جيڪڏهن غلط آهن ته رانا شميم کي سزا ڏيو

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته ڪو به نٿو چئي سگهي ته اهو اڳوڻي چيف جسٽس جو آواز ناهي، ملڪ جي ان وقت جو چيف جسٽس آڊيو ۾ چئي رهيو آهي ته نواز شريف ۽ مريم نواز کي سزا ڏيڻي آهي، اڳوڻي چيف جسٽس اهو حڪم ڪنهن کي ڏنو ڪا به خبر نه آهي، توهان فرانزڪ ڪرايو پر اسان کي انصاف گهرجي، شاهد خاقان عباسي چيو ته نواز شريف ۽ مريم نواز کي سازش تحت سزا ڏني وئي، هاڻي انصاف لاءِ ڪنهن وٽ ويندس؟ ثاقب نثار نواز شريف، مريم نواز کي سزا ڏياري، گهٽ ۾ گهٽ هاڻي سزا ته ختم ڪيو

اڳوڻي وزيراعظم چيو ته هر اداري کي پنهنجي آئيني حدن ۾ رهي ڪم ڪرڻ گهرجي، معاملو آئين موجب عدالت ۾ هجڻ گهرجي ۽ معاملو سفارشن تي نه هلڻ گهرجي،ملڪ ۾ انصاف جي نظام سان جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو سڀني جي سامهون آهي، چيف جسٽس جو ڪيس سامهون آيو ته سوموٽو نوٽيس وٺي آڊيو ڪيس جي تصديق ٿيڻ گهرجي، واضح رهي ته اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار پنهنجي مبينا آڊيو کي جعلي قرار ڏيندي چيو آهي ته ڪڏهن به ڪنهن کي هن حوالي سان هدايتون نه ڏنيون آهن، هي منهنجو آواز نه آهي، مون سان منصوب ڪيل آڊيو جعلي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔