وزيراعظم عمران خان مختلف ملڪن ۾ 5 نوان قونصليٽ کولڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان مختلف ملڪن ۾ 5 نوان قونصليٽ کولڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. پرڏيهي آفيس جي ذريعن موجب نوان قونصليٽ جرمني، اٽلي، آمريڪا ۽ عراق ۾ کوليا ويندا،

سفارتخانا ميونخ، نيپلز، ائٽلانٽا، نجف ۽ ڪربلا ۾ هوندا. ذريعن جو چوڻ آهي ته نوان قونصل خانا کولڻ جو فيصلو پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جي درخواست تي ڪيو ويو آهي، عراق ۾ نئون قونصل خانو پاڪستانين جي سهولت لاءِ ڪم ڪندو، ائٽلانٽا ۾ نئون قونصل خانو عالمي ميڊيا جي هينڊلنگ ۽ مثبت اميج لاءِ ڪم ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ذريعن موجب پرڏيهي وزارت انهن مشنز تي وڌيڪ انتظامي ۽ ٻيا معاملا مڪمل ڪندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔