اعتزاز احسن اڳوڻي چيف جج رانا شميم جي حلفي بيان کي شڪي قرار ڏئي ڇڏيو

لاهور:سينئر سياستدان ۽ وڪيل بيرسٽر اعتزاز احسن گلگت بلتستان جي اڳوڻي چيف جج رانا شميم جي حلفي بيان کي شڪي قرار ڏئي ڇڏيو آهي.
لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ اعتزاز احسن چيو ته رانا شميم جو حلفي بيان ظاهري طور تي ڪوڙو آهي. اهو حلفي بيان ماضي جي ڪيلبري فونٽ ۽ قطري خط جهڙو دنگل آهي. ڪوبه چيف جسٽس کلي عام اهڙي طرح جون هدايتون نٿو ڏئي سگهي.
جسٽس عمر فاروق نوازشريف ۽ مريم نواز جي اپيلن تي ٻڌڻي ڪندڙ بينچ ۾ شامل نه هو ۽ ان وقت هو ملڪ ۾ به نه هو. اعتزاز احسن چيو ته ان ۾ ڪابه شڪ جي ڳالهه نه هجڻ گهرجي ته رانا شميم جي حلفي بيان پٺيان ڪير آهي. رانا شميم جو ڀاءُ 6 تاريخ تي فوت ٿيو ۽ هو 8 تاريخ تي لنڊن ۾ حلفي بيان تيار ڪري رهيو هو.
لنڊن مان اهو حلفي بيان تيار ڪيو ويندو آهي. سڀني کي خبر آهي ته لنڊن نوازشريف جو گهر آهي، نوازشريف اڄ تائين پنهنجو مني ٽريل ته ڏئي ناهي سگهيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔