ٽي ايل پي سربراهه سعد رضوي آزاد ٿي ويو

ڪراچي: تحريڪ لبيڪ پاڪستان (ٽي ايل پي) جي سربراهه سعد رضوي کي آزاد ڪيو ويو آهي، ميڊيا رپورٽس موجب سعد رضوي کي آزاد ڪيو ويو آهي جيڪو جلد جامع مسجد رحمت العالمين جي مرڪز پهچي ويندو

گهرو کاتي جي ذريعن موجب سعد رضوي کي پهريون ڀيرو اپريل 2021ع ۾ هڪ مهيني لاءِ حراست ۾ ورتو ويو هو، هن کي ڊي سي جي حڪم تي نظر بند ڪيو ويو ۽ نظر بندي جي دوران سعد رضور جو نالو فورٿ شيڊول ۾ شامل ڪيو ويو

ياد رهي ته سندس آزادي حڪومت ۽ تحريڪ لبيڪ پاڪستان (ٽي ايل پي) وچ ۾ معاهدي کانپوءِ عمل ۾ آئي آهي

ان کان اڳ پنجاب جي گهرو کاتي سعد رضوي جي آزادي خلاف پنجاب حڪومت جي اپيل واپس وٺڻ جو فيصلو ڪيو هو

پنجاب جي گهرو کاتي سعد رضوي خلاف داخل 98 ڪيسن جي لسٽ به وفاقي گهرو وزارت کي موڪلي هئي ۽ گهرو وزارت دهشتگردي جا ڪيس اڪلائڻ لاءِ قانون واري وزارت سان به مشاورت ڪئي هئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔