سنڌ، بلوچستان ۾ سي اين جي ۽ آر ايل اين جي 20 روپيه ڪلو وڌيڪ مهانگي

ڪراچي: سنڌ ۽ بلوچستان وارن جي لاءِ سي اين جي ۽ آر ايل اين جي وڌيڪ مهانگي ڪئي وئي آهي. رپورٽ موجب سنڌ سميت بلوچستان جي سي اين جي، آر ايل اين جي صارفين لاءِ گئس جي في ڪلو قيمت ۾ 20 روپين جو اضافو ڪيو ويو آهي.
اسٽيشن مالڪن شهر ۾ گئس جي نئين قيمت لاڳو ڪري ڇڏي آهي. ان کان اڳ گئس جي في ڪلو قيمت 180 روپيه ڪلو وصول ڪئي پئي وئي. آل پاڪستان سي اين جي ايسوسيئيشن چيو آهي ته سي اين جي تي جي ايس ٽي جي مد ۾ اضافو ڪيو ويو آهي. پهريان 11 روپيه 86 پئسا في ڪلو گرام جي ايس ٽي لڳندو هو هاڻ 21 روپيه 77 پئسا ڪيو ويو آهي جيڪو ناجائز آهي.
هوڏانهن آل پاڪستان سي اين جي ايسوسيئيشن اهو به مطالبو ڪيو آهي ته آر ايل اين جي تي جي ايس ٽي فوري طور تي 5 سيڪڙو ڪئي وڃي. ان کان اڳ سيپٽمبر 2021 ۾ گئس جي في ڪلو قيمت 150 مان وڌائي 180 روپيه ڪئي وئي هئي.

  • شيئر

توھان ھن پوسٽ کي شيئر ڪري سگھوٿا!

facebook sharing button

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔