شيخوپوره ۾ اسڪول وين ٽرين سان ٽڪرائجي وئي، 3 شاگرد فوت، نو زخمي

شيخوپوره: شيخوپوره جي علائقي سريانوالا جيٽه باڙيان روڊ تي ٽرين جي اسڪول وين کي ٽڪر سبب 3 شاگرد فوت جڏهن ته 9 زخمي ٿي پيا آهن.
رپورٽ موجب جيته باڙيان روڊ تي بنا ڦاٽڪ جي ريلوي ڪراسنگ مان اسڪول جي وين گذري رهي هئي جيڪا ريلوي ٽريڪ تي ڦاسي وئي. ان دوران ٻئي طرف کان ايندڙ راوي ايڪسپريس اسڪول وين سان ٽڪرائجي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 2 شاگرد ٿڏي تي فوت جڏهن ته ٻيا زخمي ٿي پيا. واقعي جي اطلاع ملندي ئي ريسڪيو اهلڪار واقعي واري پهچي ويا جنهن امدادي ڪارروايون شروع ڪيون ۽ 8 شاگردن کي زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هڪ وڌيڪ شاگرد زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو.
ان حوالي سان ريلوي اختيارين ٻڌايو آهي ته حادثو شيخوپوره اسٽيشن ويجهو پيش آيو. حادثي واري جڳهه تي ڪوبه ڦاٽڪ نه هو. ضلعي انتظاميه عارضي طور تي ڪراسنگ ٺاهي رکي هئي. جڏهن ته ضلعي انتظاميه جا اهلڪار ريلوي ڪراسنگ تي مقرر نه هئا.
ريلوي اختيارين جو چوڻ آهي ته هن روٽ تي 2 سالن کان پوءِ ٽرين سروس بحال ٿي آهي. حادثي کان پوءِ اسڪول وين جو ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو جڏهن ته علائقي واسين احتجاجي مظاهرو ڪندي ٽرين کي روڪي ڇڏيو پر پوليس سان ڳالهين کان پوءِ ٽرين کي روانو ڪيو ويو.

  • شيئر

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔