اعليٰ عدليه اڳوڻي چيف جج گلگت بلتستان پاران لڳايل الزامن جي جاچ ڪري: شاهد خاقان عباسي

اسلام آباد: شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته اعليٰ عدليه اڳوڻي چيف جج گلگت بلتستان جي الزامن جي جاچ ڪري، ثاقب نثار پنهنجو پاڻ کي الزامن کان آجو قرار ڏيڻ چاهي ٿو.
پاڪستان مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته نيب صرف نوازشريف کي سزا ڏياري جنهن معاملي ۾ نوازشريف، مريم جو ذڪر ناهي ڪهڙي قانون جي تحت انهن کي سزا ڏني وئي. ملڪ ۾ لڳل سرڪس جا وڏا وڏا رانديگر سامهون اچي رهيا آهن.
شاهد خاقان عباسي چيو ته ڪالهه هڪ حلفي بيان سامهون آيو جيڪو اڳوڻي چيف جسٽس گلگت بلتستان لکيو آهي. اسان ان حد تائين پهچي ويا آهيون جو ضمانت جي معاملي تي به ملڪ جو اڳوڻو چيف جسٽس مداخلت ڪري رهيو آهي. اڄ اعليٰ عدليه جو امتحان آهي اڄ ملڪ جي اڳوڻي چيف جسٽس تي الزام لڳو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔