ڪراچي شهر ۾ نسله ٽاور جهڙيون هزارين عمارتون آهن : سعيد غني

ڪراچي : صوبائي وزير سعيد غني چيو آھي تھ ڪراچي شهر ۾ نسله ٽاور جهڙيون هزارين عمارتون آهن، بحريه ٽائون تي به ڏنڊ وجهي اُن کي ريگيولرائيز ڪيو ويو، سنڌ اسيمبلي ۾ نسله ٽاور بابت پيش ٿيل ٺهراءُ تي بحث دوران صوبائي وزير سعيد غني چيو ته عدالتي فيصلي سان انساني الميو جنم وٺڻ جو خدشو هجي ته اُن کان بچڻ لاءِ قانونسازي ڪري سگهجي ٿي

 پي ٽي آءِ ايم پي اي اي ارسلان تاج چيو ته نسلا ٽاور ٺاهڻ لاءِ آفيسرز لڪي لڪي پئسا ورتا، ٻڌايو وڃي ته نسله ٽاور پويان ڪهڙي مافيا آهي، اجازت ڏيندڙ آفيسرز جا اثاثا ضبط ڪري کين جيل حوالي ڪرڻ گهرجي، پ پ ايم پي اي غزالا سيال چيو ته چائنا ڪٽنگ دوران اپوزيشن وارا ڇو خاموش رهيا، ڪراچي ۾ نالن مٿان ڪاليج ٺاهيا ويا، پر ڪوبه ڪيس داخل نه ٿيو، هاڻي نسلا ٽاور جا رهواسي دربدر ٿي رهيا آهن، اپوزيشن اِن معاملي تي به سياست ڪري ٿي

  • TA

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔