نواز ليگ پاران رانا شميم جي انڪشافن وارو معاملو پارليامينٽ ۾ اُٿارڻ جو اعلان

ڪراچي(م ڊ) نواز ليگ اڳوڻي چيف جسٽس جي بي رانا شميم جي انڪشافن وارو معاملو پارليامينٽ ۾ اُٿارڻ ۾ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي

اسلام آباد ۾ شاهد خاقان عباسي، خواجه آصف ۽ ٻين اڳواڻن گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته رانا شميم بنا ڪنهن دٻاءُ جي حلفيه بيان جاري ڪيو آهي، سندس بيان تي يقين ڪرڻو پوندو، حقيقت ظاهر ٿي وئي ته عمران خان ڪيئن اقتدار ۾ آيو، هن معاملي جي تهه تائين پهچڻ گهرجي

ليگي اڳواڻن چيو آهي ته نواز شريف کي نا اهل ڪري سياست کان الڳ ڪري ويو، ثاقب نثار ۽ شميم سوڌو ٽن ماڻهن کي حقيقت جي خبر پر پاڪستان جي عوام کي به سچ جي خبر پوڻ گهرجي، اليڪشن جي عمل ۾ مداخلت ٿئي ته ڇا اسان کي پڇڻ جو به حق نه آهي

هنن چيو آهي ته آئيني ادارا پنهنجي حدن ۾ نه رهندا ۽ چونڊ عمل ۾ مداخلت ڪندا ته عوام کي ڏکيائين جو منهن ڏسڻو پوندو، ٻڌايو وڃي ته ثاقب نثار کي چونڊ عمل ۾ مداخلت ڪرڻ جو اختيار ڪنهن ڏنو هو؟

شاهد خاقان عباسي چيو ته جيڪڏهن ملڪ جو چيف جسٽس ملوث آهي ته پوءِ انصاف ڪٿان ملندو؟ دعا آهي ته ثاقب نثار ان معاملي ۾ ملوث نه ٿئي، ملڪ جي نظام ۾ غير آئيني مداخلت آهي، ثاقب نثار اسپتالن جا دورا ڪري ڊيم ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي

هن چيو ته رانا شميم اهو بيان لنڊن ۾ اوٿ ڪمشنر جي سامهون ڏنو، 2018ع ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو اهو سڀني جي سامهون اچي رهيو آهي، رانا شميم جولاءِ 2018ع ۾ گلگت بلتستان جي چيف جسٽس جي عهدي تي هو، ان حوالي سان هو سامهون آيو آهي جيڪڏهن رانا شميم ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي ته ان کي بدترين سزا ڏني وڃي، جيڪڏهن رانا شميم سچ ڳالهائي ٿو ته پوءِ ثاقب نثار جي جڳهه جيل آهي

ن ليگ اڳواڻن چيو ته جيڪڏهن نواز شريف جيل وڃي سگهي ٿو ته پوءِ ثاقب نثار به جيل وڃي سگهي ٿو، فيصلي ۾ لکيو ويو ته نوازشريف خلاف ڪرپشن جا ڪي به ثبوت نه آهن، اسان عدالت کان هن معاملي جو پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ٿا ڪيون

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔