شهباز شريف جو بلاول کي فون، مخالف ڌر جي حڪمت عملي تي ڳالهيون

قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي فون ڪري پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۽ مخالف ڌر جي حڪمت عملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

بلاول هائوس ترجمان موجب بلاول ڀٽو زرداري ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف وچ ۾ پارلياماني صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۽ مخالف ڌر جي حڪمت عملي تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

بلاول ڀٽو زرداري شهباز شريف کي چيو ته حڪومت جي سمورين پاليسين کي پارليامينٽ ذريعي ئي ناڪام بڻائي سگهجي ٿو، پارليامينٽ ئي اهو فورم آهي جتي عوام جا نمائندا عوام جو ڪيس وڙهندا آهن.

بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته کيس خوشي آهي ته مخالف ڌر گڏيل حڪمت عملي ذريعي پارلياماني محاذ تي ڪيترائي ڀيرا حڪومت کي شڪست ڏني آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔