ثاقب نثار بابت انڪشافن تي ٻڌل رپورٽ، اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ جو نوٽيس

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نواز شريف ۽ مريم نواز بابت گلگت بلتستان جي اڳوڻي چيف جسٽس جي الزامن تي ٻڌل رپورٽ جو نوٽيس وٺي ڇڏيو آھي، عدالتي ذريعن جو چوڻ آهي ته انڪشاف ۾ هاءِ ڪورٽ جي جج جو نالو اچڻ بعد نوٽيس ورتو ويو

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس اطهر من الله ڪجهه دير ۾ نوٽيس تي ٻڌڻي ڪندو، عدالت طرفان خبر ڏيندڙ صحافي کي به طلب ڪيو ويو، ٻڌڻي شروع ٿي وئي

 گلگت بلتستان جي اڳوڻي چيف جسٽس رانا ايم شميم پنهنجي تصديق ٿيل حلف نامي ۾ انڪشاف ڪيو آھي تھ ثاقب نثار هاءِڪورٽ جي جج کي حڪم ڏنو ته 2018ع جي چونڊن کان اڳ نواز شريف ۽ مريم نواز ضمانت تي آزاد نه ٿيڻ گهرجن،

ڪراچي(م ڊ) گلگت بلتستان جي اڳوڻي چيف جسٽس راڻا ايم شميم پنهنجي حلفي بيان ۾ چيو آهي ته هو ان واقعي جو شاهد هو جڏهن ان وقت جي چيف جسٽس آف پاڪستان ثاقب نثار هاءِ ڪورٽ جي جج کي حڪم ڏنو هو ته 2018ع جي عام چونڊن کان اڳ نواز شريف ۽ مريم نواز کي ضمانت تي آزاد نه ڪيو وڃي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔