سنڌ حڪومت صوبي کي ميزلس ۽ روبيلا کان پاڪ ڪرڻ چاھي ٿي: وڏو وزير

ڪراچي : سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اين جي وي اسڪول ۾ ميزلس ۽ روبيلا ويڪسين مھم جو افتتاح ڪندي چيو آهي ته سنڌ حڪومت صوبي کي ميزلس ۽ روبيلا کان پاڪ ڪرڻ چاھي ٿي

وڏي وزير چيو ته  اي پي آءِ ٻارن ۾ مختلف بيمارين خلاف قوت مدافعت وڌائڻ تي ڪم ڪري رھي آھي،  سڄي ملڪ ۾ ميزلس ۽ روبيلا خلاف خصوصي مھم 27 نومبر کان شروع ٿي رھي آھي، جنهن تحت 9 کان 15 سالن جي 19 ملين ٻارن کي ٽڪا لڳائڻ جو ھدف آھي،  والدين کي گذارش آهي ته پنھنجن ٻارن کي ميزلس روبيلا جي ويڪسين لڳرائن

 سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته  مھم ۾ 5 سال کان گهٽ جي عمر وارن ٻارڙن 8.2 ملين ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پڻ پياريا ويندا،  تعليم کاتي جي سھڪار سان صحت کاتو 6.5 ملين ٻارن کي 71856 خانگي ۽ سرڪاري اسڪولن ۾ ويڪسين ڪئي ويندي

هن چيو آهي ته سنڌ حڪومت جي ڪاوش سان ھلندڙ سال صوبي ۾ پوليو جو ڪو به ڪيس سامھون نه آيو آھي،  پھريون ڀيرو سنڌ ۾ ماحولياتي نمونا منفي آيا آھن،  ميڊيا جو ٿورائتو آھيان جنھن پوليو جي خاتمي ۾ حڪومت جو ساٿ ڏنو

وڏي وزير چيو آهي ته اي پي آءِ مختلف 12 موضي مرضن جي خاتمي لاءِ جدوجھد ڪري رھي آھي، سڀني کي ٻارن جي صحت ۽ روشن مستقبل لاءِ ڪم ڪرڻ گھرجي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔